پوراني ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني

پوراني، ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني: ميرڪ سيد عبدالاول حسيني پوراني، ميرڪ محمد عبدالله جو وڏو پٽ هو، هن 17 صفر المظفر 1013هه/ 7 جولاءِ 1604ع تي هندستان جي شهر الهه آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم الهه آباد، لاهور ۽ آگري ۾ حاصل ڪيائين، ڇو جو ميرڪ عبدالاول اڃا هڪ سال جو مس هو ته 1014هه/ 1605ع ۾ سندس والد کيس لاهور وٺي آيو ۽ جڏهن پنجن سالن جو ٿيو ته پنهنجي پيءُ سان گڏ 1018هه/ 1609ع ۾ آگري ۾ اچي رهيو، ان کانپوءِ 1033هه/ 1623ع ۾ پنهنجي اباڻي وطن بکر اچي رهيو. ميرڪ عبدالاول جي ابتدائي زندگيءَ بابت ڪو به صحيح ۽ مستند احوال نه ٿو ملي. ”ميرڪي ساداتن“ جي قلمي ڪتابن مان صرف اهو معلوم ٿئي ٿو ته هي اعليٰ فضيلتن جو مالڪ ۽ وڏو عالم هو، کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي دسترس حاصل هئي. سندس دسترخوان تمام ڪشادو هوندو هو.
هن لاءِ روايت آهي ته پنهنجي وقت جو وڏو داناءُ ۽ سياسي معاملن ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ هو، مير صاحب جو مغل بادشاهن: شاهجهان ۽ اورنگزيب جي دور حڪومت ۾ وڏن ماڻهن، اميرن ۽ اڪابرن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ بکر جي فوجدار ۽ گورنر وٽ به سندس وڏو مان هو، هيءُ سکر جو ”شيخ الاسلام“ ٿي رهيو آهي، نواب مير يعقوب رضويءَ (ڪوٽائيءَ جو همعصر هو. ”ميرڪي سادات“ جي خانداني قلمي نسخن مان اها خبر پوي ٿي ته سن 1051هه/1641ع ۾ ميرڪ عبدالاول کي شاهجهان بادشاهه ديهه کڏهڙي تعلقي روهڙيءَ ۾ گذران لاءِ جاگير جي سند ڏني هئي، جيڪا پوءِ اهليت جي عيوض سن 1071هه/ 1660ع ۾ اورنگزيب به جنهن کي بحال رکيو ۽ ان ۾ ڪجهه اضافو به ڪيو هو، ميرڪ عبدالاول جي وفات 27 صفر المظفر 1093هه/ 26 فبروري 1682ع ۾ ٿي.
ميرڪ عبدالاول، سيد حسين بن عبدالله ترمذيءَ جي نياڻي بيبي شاهه بيگم سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ: سيد محمد پوراني، سيد محمود پوراني، سيد تقي الدين محمد پوراني ٿيا، جيڪي پنهنجي وقت جا وڏا عالم ۽ اڪابر ٿي گذريا آهن. هن خاندان جو اولاد اڄ به روهڙيءَ ۾ رهي ٿو ۽ پوراني ساداتن جي نالي سان مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1604.07.07  عيسوي

ميرڪ سيد عبدالاول حسيني پوراني، ميرڪ محمد عبدالله جو وڏو پٽ هو، هن 17 صفر المظفر 1013هه/ 7 جولاءِ 1604ع تي هندستان جي شهر الهه آباد ۾ جنم ورتو.


1682.02.26  عيسوي

ميرڪ عبدالاول جي وفات 27 صفر المظفر 1093هه/ 26 فبروري 1682ع ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين بخش وڳڻ
فيض محمد سڪندري پتافي
جوڻيجو محمد خان
دينوري ابو حنيفه
پنجل مير بحر
آغا رفيق
بئريسٽر عبدالرحمان
جارج برنارڊشا
عرفان مهدي
ڏهراج حاجي غلام نبي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون